Story Info
قید ٿيل روح جي آزادي
Written by: Ashfaq Rafiq
Novel Type:
Language: Sindhi
PDF Availability: No. Short Story ( Single Page)
قيد ٿيل روح جي آزادي
ليکڪ : اشفاق رفيق(آزاد)
آزاد انسان، نالي طور آزاد، دنيا جي شور، ماڻهن جي مڪاري ، ۽ دلين جي کوٽ مان نڪري، ڪنارن جي هير سان ڀريل خاموشيءَ واري جاءِ تي اچي رهيو ھو. اھا جڳھ، جتي نه ڪو شوق هو، نه تمنا؛ فقط فطرت هئي، خاموشي هئي، ۽ اندر جي آواز سان ڳالهائڻ جو موقعو.
آزاد انهن شين، انهن انسانن، انهن جذبن سان محبت ڪئي، جيڪي ڪڏهن به سندس نصيب جو حصو نه ٿي سگهيون. جن لاءِ هن پنهنجي سموري اندر جي دولت قربان ڪري ڇڏي، انهن مان کيس محبت نه ملي، فقط محرومي ملي. هو انهن لاءِ هر لمحو ساهه ساڙي ورتو، جيڪي سندس زندگي ۾ صرف مختصر لمحن جا مسافر هئا. هو هڪ اڻپوري محبت جي داستان ۾ پاڻ کي وساري ويٺو هو.
هڪ ڏينهن صبح جو، جڏهن سج جا پهريان ڪرڻا صبا سان گڏ سندس چهري تي پيا ته آزاد محسوس ڪيو ڄڻ فطرت کيس ڀاڪر پاتو هجي، ڪنن ۾ پکين جو مٺڙو آواز پوڻ لڳس ايئن ڄڻ فطرت ھن سان سرگوشيون ڪري رهي هجي. هِيرَ جيڪا روح جي قلب ۾ داخل ٿيس، ائين لڳس ڄڻ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن پيار سان ڇهيو هجيس.
هو ائين ئي ويٺو رهيو، اکيون بند، ساھَ ۾ صبا جي سڪون ڀري خوشبو، ڌڙڪنن ۾ قدرت جي ڌن. پر جيئن وقت گذرندو ويو، هير جي رفتار آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي، پکين جا آوازَ پري ٿيندا ويا، هو اداس ٿيندو ويو. اوچتو نگاهه ٻوٽن تي پئي، جتي هلڪي سج جي روشني ٻوٽن کي اهڙيءَ ريت ڇهي رهي هئي، ڄڻ هڪ ننڍڙي ڄاول ٻار کي سج جا ڪرڻا جاڳائي رھيا ھجن. ٻوٽا اکيون کوليندي، روشنيءَ جي آغوش ۾ ايئن ڦٽا پئي ڄڻ نئين زندگيءَ ۾ قدم رکي رهيا هجن.
انهن لمحَن ۾، آزاد محسوس ڪيو ته اصل سڪون فطرت جي سادي، بي صدا، پر ڳالهائيندڙ وجود ۾ آهي.
شام ٿيڻ لڳي. سج جا پويان ڪرڻا، وڻن جي پنن پٺيان لٽجندي آهستي آهستي ڪوهستاني افق جي پويان لڪي رهيا هئا. آزاد، ڪنڊ تي بيٺو، پنهنجي ساھَ ۾ شام جي هوا جو ماٺيڻو آواز ڀري رهيو هو. هُن جون نگاهون پربت جي ڇانوَ ۾ لڪل انهن واٽن تي هيون، جتان ڪا پراڻي ياد اچي رهي هئي.
ان پاسي پاڻيءَ جو هڪ ننڍڙو چشمو وهندو هو، جنهن جا قطرا پٿرن سان ٽڪرائيندي ائين آواز ڪڍي رهيا هئا ڄڻ اندر جي بيقراريءَ سان هم آهنگيءَ ۾ هجن.
هو ان چشمي وٽ ويهي رهيو، پاڻيءَ جي ٿڌڙي ڇهاءَ سان پنهنجا هٿ ڌوئڻ لڳو. اھڙي ڇھاء سان ھن کي پنهنجي اندر ۾ ڪا ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. ڄڻ محبت جي ٻيجلائن جي باهه، ٿڌي پاڻي جي رحم سان سازش ڪري رهي هئي. سندس اکين جي ڪنڊن مان هڪ اڻڄاتل اوسيئڙي جو ڳوڙهو لڙڪ ڪري پيو.
هو اُتي ويهي، وڻن جي ڇانو، هوا جي مستي، ۽ پکين جي وڇوٽي سان پنهنجي دل جا درد ڳائي رهيو هو. اندر هڪ نامعلوم ويراڳي جاڳي پيو. اها شام ڄڻ دل لاءِ هڪ وڇوڙي جي موسيقي هئي جيڪا روز فطرت وڄائيندي هئي ۽ هو هر روز ان کي ٻڌندو هو پر دل جو ساز ڪڏهن به مڪمل سر ۾ نه وڄي سگهيو.
شام مان رات ٿيڻ لڳي!
چنڊ اُڀريو، جنهن جي روشني اوچن پھاڙن تي پئي، روشني جو ھٿ چوٽين تي ائين لڳو ڄڻ ڪائنات جي ڇاتيءَ تي ڪو پاڪ نور لٿو هجي. آزاد، اُن چنڊ کي ڏسندي، دل ۾ سوچڻ لڳو، "ڇا هي روشني به ائين ئي ٻين لاءِ آهي پر مان ان جي ساهه تائين ڪڏهن پهچي نه سگهندس....؟؟
وشال آسمان ۾ تارا ٽمڪيا هزارين اکين جيان، جيڪي تنها روح کي ڏسي رهيون هيون. هو ساهه ڀري اُهو منظر ڏسڻ لڳو. جتي وڻن جي لڏڻ، چشمي جي ڪنارن، خاموش رات، تارن جو غول، ۽ دل جو اداس ساز گڏجي، هڪ روحاني ميلاپ ڪري رهيا هئا.
ان لمحي هن خاموشيءَ ۾ پاڻ سان ڳالهايو.
"شايد هر شيءِ جيڪا چاهيون ٿا اسان جي نصيب ۾ ناهي. جيڪي اسان جا خواب آهن سي فقط آزمائش لاءِ آهن. محبت جيڪا حاصل نه ٿئي، اها ئي اسانجي روح کي ويجهي آھي.....
اُهو خيال اڌ ۾ رهجي ويو. ڇو ته دل ۾ هڪ پراڻي آشنا چهري جو تصور تري آيو. اها نينگري، جنهن لاءِ هن سڀ ڪجهه وساريو هر احساس، هر جذبو پر اھا ڪڏهن به نه ملي. نه محبت ۾، نه ساٿ ۾، نه تقدير ۾.
اهو ساٿ جيڪو هن لاءِ هڪ سفر جي شروعات هو، ثابت ٿيو ته اها رڳو هڪ سُور ڀري منزل هئي. هوءَ زندگيءَ لاءِ آئي، پر ڪڏهن به ساڻس نه رهي. هوءَ وقت جي وهڪري ۾ گم ٿي وئي، ۽ آزاد کي وڇوڙي جي شعري سٽن سان اڪيلو ڇڏي وئي.
هو هاڻ رڳو هڪ آزاد روح هو پر اُهو روح جيڪو آزاديءَ ۾ به قيد هو.
رات پنهنجي پوئين حدن ۾ داخل ٿي رهي هئي. خاموشيءَ جي لهر هر شئي تي ڇانئجي وئي هئي. رڳو تارن جي ساھَ جهڙا ٽمٽمايل لاڙا، وڻن جي هلڪي لهرن سان جُهلجندڙ پاڇا، ۽ چشمي جو مڌُر آواز. وقت جو رفته رفته ڪري ھلڻ زندگيءَ جي اڻڄاتل رستن جي گواهي ڏئي رهيو هو.
آزاد، اکيون بند ڪري پنهنجو ڌيان اندر جي آواز ڏانهن ڏنو. هاڻ نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪا خواهش، نه ڪا تمنا. فقط هڪ خالي پَنَ جهڙي ماٺِ، جيڪا اندر جي ديوار تي لفظ لکندي محسوس ٿي.
هو بي آواز روئي رهيو هو. پر انهن ڳوڙهن مان هيئنر بي بسي نه، بلڪه قبوليت جو نور نڪرندو پئي محسوس ٿيو.
انهيءَ آخري پهر ۾، هن محسوس ڪيو ته سڀ محبتون، جيڪي هن جي لاءِ ڪيون، سڀ احساس جيڪي ڪنهن جي ملڻ جي خواهش هيٺ پيدا ٿيا سي اصل ۾ پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏيا هئا.
جنهن لاءِ هو جيئندو رهيو سا ان جي حياتيءَ ۾ فقط آزمائش ٿي. ان نينگريءَ لاءِ، جنهن جو روپ خوابن ۾ دل آويز ڪنوار ٿي سجيو، جنهن جو ساٿ زندگيءَ جي ضرورت بڻجي پيو، سا ڪڏهن به سچ نه بڻجي سگهي.
۽ هاڻ، هو سڀ ڪجهه وڃائي، خالي هٿ، ڀريل دل، ساھ ڀري آس رکي اِتي پهتو هو.
"محبت، جيڪا ملي نٿي سگهي، اها ئي ته روح جي پڪاري بڻجي ٿي... پر جيڪڏهن اها پڪار به ڪنهن ڪن تائين نه پهچي، ته پوءِ؟"
ان سوال جي خاموش جواب ۾، اوچتو سندس دل مان هڪ آواز اُڀريو:
"پوءِ سمجھه، ته اها پڪار انسان لاءِ نه هئي، اها ته رب لاءِ هئي...!"
ان لمحي ڄڻ فطرت سان سڌي واٽ سان ڳالهايو هجي.
ان وقت آزاد جي ذهن ۾ ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺل دستار بند بزرگ جي آواز گونجي:
> "سڀ فاني آهي، سڀ لاحاصل آهي، محبت صرف آهي ته ان سان، جنهن جا در بند نه ٿيندا، جنهن جي محبت سچي، مڪمل ۽ واپس موٽندڙ آهي."
چنڊ آسمان جي وچ تي بيٺل هو، تارا ساڻس ويجها ٿي ويا هئا، ڄڻ سڄي ڪائنات دل سان گفتگو ڪري رهي هئي.
هو آهستي ڪري اٿي بيٺو. سندس پيرن هيٺان گاهه جا پن ڄڻ وراڻا ڏئي رهيا هئا، "ها، تون آخرڪار سمجهي وئين هيءَ ڌرتي، هيءَ فطرت، هيءَ هستي سڀ رڳو اشارا آهن – حقيقت ڪنهن ٻئي جاءِ تي آهي.
هن آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيائين:
"اي رب، مون جيڪي به گهريو، سڀ تنهنجي سوا هو. هاڻ مان رڳو توکي ٿو گهران. رڳو تنهنجو سڪون، تنهنجي قربت، تنهنجو نور..."
ان لمحي اندر جون ڀٽڪندڙ وايون ڄڻ خاموش ٿي ويون. هو خاموش پر مطمئن بيٺو رهيو.
نه روئي رهيو هو، نه کلي رھيو ھو. سندس دل ۾ پهريون ڀيرو سڪون هو.
صبح جا پهريان تارا نرم ھير سان گڏ آخر وڃي رھيا ھئا. ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ آسمان تي نئين ساز جي موسيقي وڄي رهي هجي.
آزاد خاموش بيٺو، هوا ۾ روشنيءَ جي واٽ ڏسي رهيو هو. سندس نگاھون ٻاھر نه هيون. هاڻ نگاهن جو رخ اندر ڏانهن هو.
ساھَ ۾ هاڻ بيچيني نه هئي بلڪي سڪون جو هڪ چين ھيو جيڪو ڪنهن مراقبي جهڙي خاموشيءَ مان نڪتو هو.
”ڪيترا سال، ڪيتريون راتيون، مان انهن لاءِ پنھنجي جيون کي پيش ڪندو رهيس جيڪي ڪڏهن منهنجا ٿي ئي نه سگهيا. پر هاڻ مان انهن کي دعائن ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ھيو جيئن مان پاڻ مان آزاد ٿي سگهيو ھيم.
هو ڀلي مايوسيءَ مان گذريو، پر اها مايوسي هاڻ روشنيءَ جي واٽ بڻجي وئي هئي. هو هاڻ سمجهي چڪو هو ته هر خوبصورت شيءِ، جيڪا حاصل نه ٿي سگهي، ان جو حاصل نه ٿيڻ ئي حقيقت جو نشان هو.
اُن ڇوڪريءَ جي ياد به هاڻ سور نه پئي ڏنا پر اھا ھاڻي هڪ دردمند دعا بڻجي وئي هئي.
هو دل ۾ پئي چيو؛
"اي مَنَ محبوبَ جنهن کي مان پنھنجو سڀ ڪجھ سمجهيو، توکان مان هاڻ نه گلا ٿو ڪريان، نه تنھنجو انتظار ٿو ڪريان. مان رڳو ٿو دعا ڪريان ته تون به پنهنجي منزل ڏسي سگهين جيئن مان پنهنجي واٽ تي اَڳتي سُري آيو آھيان.
هو خاموش واديءَ مان هلندي جبلن جي پاسي واريءَ ڍنڍ وٽ پهتو جتي پاڻيءَ تي چنڊ جا آخري لاڙا لڙي رهيا هئا.
ان ڍنڍ جي سامهون ويهي هنَ معصوم پکيئڙن جي خاموش آکيرن ڏانهن ڏٺو، جتان پکين جو قافلو اُڏامي رهيو هو. ڄڻ هو به هاڻ پنھنجي قافلي ۾ شامل ٿي ڪنھن نئين راھ ڏانهن گامزن ٿيو هجي. ان لمحي هو پاڻ کي حقيقي معنيٰ ۾ "آزاد" محسوس ڪرڻ لڳو.
هو سمجهي چڪو هو ته:
هر محبت، جيڪا انسان کان گهري وڃي، اڻپوري رهي سگهي ٿي.
هر تعلق، جيڪو خواهش جي بنياد تي ٺاهيو وڃي، هڪ ڏينهن ٽٽڻ لاءِ هوندو آهي.
پر جيڪو تعلق رب سان جُڙي، جيڪو عشق پنهنجي وجود جي اندر موجود خدائي نور سان ٿئي – اهو ڪڏهن به نٿو وسامي سگھي.
چشمي جي هلڪي ڇڻڪار، پکين جي واپس اچڻ جي چيهاٽَ، سج جا پهريان ڪرڻا– سڀ هڪ ئي وقت ۾ ھڪ ئي سُر وڄائي رهيا ھئا.
"هاڻ تون آزاد آهين. هاڻ تون پنهنجي روح سان ڳنڍجي چڪو آهين.
آزاد، زندگيءَ جي حسناڪين ۽ پکين جي پريت جھڙين ٻولين ڏانھن آزاد روح جيان وڌي ٿو .
رات جي آخري پهر جون مست ھوائون آهستي آهستي ختم ٿي رهيون هيون. آسمان تي هوريان هوريان صبح جي روشني پکڙجي رهي هئي. پر آزاد جي اندر جو سج پهريان ئي طلوع ٿي چڪو هو.
هو هڪ ٻنيءَ جي ڪنڊ تي بيٺو، سامهون نديءَ جي ھلچل جو آواز، ڀرسان ننڍڙا گل، جن تي اوس جا ڦڙا موتي بڻجي پيا هئا تن کي ڏسي رھيو ھو.
هو انهن گلن کي ڏسي سوچڻ لڳو:
"اهي گل به ڄاڻين ٿا ته کين ساهه جو فقط هڪ پل ڏنو ويو آهي پر پوءِ به خوشبو ڇڏين ٿا.
هن پنهنجين اکين کي آخري ڳوڙهن جي گھُري ساھي سان گڏ ڇڏيو.
هاڻ هو نه ڪنهن جي اچڻ جو انتظار ڪندو، نه ڪنهن جي وڃڻ جو خوف رکندو. هو پاڻ کي مڪمل طور معاف ڪري چڪو هو. ۽ اهي سڀ زماني جا ڪي وڇوٽا وجودَ جيڪي کين سمجهي نه سگهيا، انهن لاءِ سندس دل هاڻ دعائن سان ڀرجي وئي هئي. چنڊ هاڻ نظر نه پئي آيو پر نور جو تِروِرو اندر سمائجي چڪو هو. هنَ بي آواز دل ۾ پئي ورجايائين:
”اي رب! مان اهو سڀ وڃائي ويٺس جنهن کي مان سڀ ڪجهه سمجهيو. پر تنهنجي محبت منهنجي اندر روشنيءَ جي صورت ۾ زنده ٿي آهي. تون ئي حقيقت آهين، تون ئي منزل آهين.“
اُهو منظر ايئن ھيو جيئن آسمان تي سج جي پهرين ڪرڻي جبل جي چوٽيءَ کي ڇهي، آزاد جي چهري تي به ساڳيو نور پکڙيو ھجي. سندس چهري تي هاڻ نه اداسي هئي، نه ٿڪاوٽ، فقط سڪون ھيو. ھڪ ابدي سڪون!
اُهو سڪون، جيڪو واعدن سان نٿو اچي.
اُهو سڪون، جيڪو ڪنهن جي محبت سان مشروط نٿو رهي.
اُهو سڪون، جيڪو فقط اندر جي خدا جي سڃاڻپ سان ملندو آهي.
هو آزاد، هاڻ حقيقت ۾ هڪ آزاد روح هو.
هاڻ سندس ڪردار ختم نه ٿيڻو ھو پر شروع ٿيو هو.
هو وڃڻ لڳو پر وڃڻ لاءِ نه، پر ملي وڃڻ طور.
هو ڌرتيءَ جو نه، آسمانن جو قلمي بڻجي ويو هو.
هو انهن لاءِ دعا بڻجي ويو جن نه سمجهيو ھو.
هو انهن بي راھ مسافرن لاءِ نور بڻجي ويو ھيو جيڪي اڃا رستن جي کوجنا ۾ ھئا.
فطرت جي ان بي لوث موٽ مان آزاد کي اھو سبق حاصل ٿيو ته:
انسان جي سڀني خارجي محبتن، خواهشن ۽ وابستگين جو انجام هميشه اڻپورو رھندو جيستائين انسان پاڻ کي پنهنجي روح جي اندر ڏسي نه ٿو سگهي.
هر درد، هر وڇوڙو ۽ هر محرومي هڪڙي پل لاءِ آهي سو سچ جي پاسي وٺڻ جو پل آھي.
اصل محبت اها آهي جيڪا پاڻ کان ٿيندي خدا تائين وڃي.
”آزادي“ اها آهي جڏهن انسان پنهنجي اندر جي روشنيءَ سان ملندو ھجي—جتي هو پنهنجي روحَ سان سچو ٿي، رب جي روشنيءَ سان ڳنڍجي وڃي.
The End
0 Comments